دراني، آغا الهڏنو

دراني، آغا الهڏنو

دراني آغا الهڏنو

دراني، آغا الهڏنو: سنڌ جي برک والي بال رانديگر آغا الهڏنو ولد الهورايو دراني 2 آگسٽ 1937ع تي سکر شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا اصل ضلعي شڪارپور جا رهاڪو هئا ۽ اتان جا مڃيل زميندار هئا. سندس والد جي ٽالپر حڪمران مير بندهه علي سان مائٽيءَ هجڻ سبب ٽنڊي غلام عليءَ ۾ اچي هميشه لاءِ آباد ٿيو. آغا الهڏنو زميندار گھراڻي جو فرد هجڻ باوجود والي بال راند ڏانهن راغب ٿيو ۽ 1937ع ۾ راند جي شروعات ڪيائين. 1960ع ۾ ماتليءَ جي ٽورنامينٽ ۾ وچ نيٽ تي بهترين راند جو مظاهرو ڪري بيسٽ نيٽ جو انعام حاصل ڪيائين. الهڏنو دراني نه فقط بال کي ڌڪ هڻڻ وارو رانديگر رهيو، پر هن راند کي ترقي وٺرائڻ لاءِ لکين روپيا ذاتي خرچ ڪري ڪيترن ئي سالن تائين ننڍي وڏي پئماني تي ٽورنامينٽون منعقد ڪرائيندو رهيو. هيءُ ڪيترن سالن تائين والي بال سنڌ ائسوسيئيشن سنڌ صوبي جو پهريون صدر رهيو. هيءُ ڪيترو عرصو اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله خان جماليءَ جو ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي پڻ رهيو. فيڊريشن جي جوڙجڪ ۾ سندس وڏو سهڪار رهيو ۽ بنياد وجھندڙن ۾ شامل رهيو. هن ڪيترن ئي والي بال رانديگرن جي مالي مدد پڻ ڪئي. هن والي بال راند جي واڌاري لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون پڻ ورتيون. سندس نالو والي بال رانديگرن ۾ سر فهرست آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.08.02  عيسوي

سنڌ جي ناليوارو والي بال رانديگر آغا الهڏنو ولد الهورايو دراني 2 آگسٽ 1937ع تي سکر شهر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيلاني سيد ڪرم الله شاهه
جويو خدا بخش
چاندو فقير
ڀورو مل ڪولهي وڪيل
پير غلام شاهه جيلاني
ساجده جبين
بلاول شاهه حسيني
خميني آيت الله
پنهور رشيده اختر
ديبلي ابو موسيٰ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون